سمنڊ کي سوچي ته ڏس

سمنڊ کي سوچي ته ڏس

سمنڊ کي سوچي ته ڏس

سمنڊ کي سوچي ته ڏس (ڪتاب): هي ڪتاب نئين ٽهيءَ جي شاعر فراق هاليپوٽي جو شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ فراق هاليپوٽي جا دل کي ڇهندڙ نثري نظم شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اعجاز منگيءَ لکيو آهي، جيڪو هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته: “مان جڏهن فراق جي نظمن سان اکيون ملايان ٿو ته سندس نظمن مان مون کي اهي اکيون گھوري رهيون آهن، جن کي ڏسڻ يا شام جي حسين شفق ۾ پيهي وڃڻ هڪ جھڙو ئي هوندو آهي، هن ڪتاب ۾ شاعر بابت احمد آزاد جو رايو پڻ شامل آهي. ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي شاعر جي تصوير سان گڏ لياقت رضوي، خليل ڪنڀار ۽ اعجاز منگيءَ جون سٽون ڏنل آهن. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو